رضوي سيد مظفر علي شاهه

رضوي سيد مظفر علي شاهه

رضوي سيد مظفر علي شاهه

رضوي، سيد مظفر علي شاهه: سيد مظفر علي شاهه رضوي، سنڌ جي نامور عالم ۽ شاعر ۽ سنڌي مرثيي جي باني سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ جي اولاد مان آهي. سندس والد جو نالو سيد امداد علي شاهه رضوي هو. سيد مظفر علي شاهه، 22 ڊسمبر 1900ع ۾ ميرن جا قبا، حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ نؤودياله اسڪول حيدرآباد مان تعليم ورتائين. علمي ادبي گهراڻي سان تعلق هئڻ ڪري پاڻ به لکڻ پڙهڻ ۾ ماهر هو. ان حوالي سان وڏو نالو ڪڍيائين. شاعري ورثي ۾ ملي هئس، پر صرف غزل چيائين. سوين تعليمي مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکي شايع ڪرايائين. شروعات ۾ لوڪلبورڊ حيدرآباد ۾ ملازم ٿيو. اڳتي هلي انسپيڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. يادگار ڪميٽي سيد ثابت علي شاهه، انجمن سادات رضويه ۽ انجمن اماميه جو متحرڪ ڪارڪن ۽ ميمبر هو. ’يادگار ڪميٽي سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي‘ ۾ هٿي وٺرائڻ ۾ سندس تمام اهم ڪردار رهيو آهي. ايران ۽ عراق جون ٻه ڀيرا زيارتون ڪري چڪو آهي. سيد مظفر علي شاهه، 3 مئي 1990ع تي 90 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ميرن جا قبا، حيدرآباد ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.12.22  عيسوي

سيد مظفر علي شاهه، 22 ڊسمبر 1900ع ۾ ميرن جا قبا، حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.


1990.05.03  عيسوي

سيد مظفر علي شاهه، 3 مئي 1990ع تي 90 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ميرن جا قبا، حيدرآباد ۾ آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيدل دهلوي
اويڙ پلي
سيد باغن شاهه:
احسان عظيم صديقي
سليم هالائي
جهنگل شاهه مست
بهاءُ الدين مهر
پشڪن اليگزينڊر
الانا جي
رحمان بابا
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون